روچـيـرام ڪامـريـڊ

روچـيـرام ڪامـريـڊ

روچيرام ڪامريڊ

روچـيـرام، ڪامـريـڊ: سنڌ جي مشهور انقلابي هاري اڳواڻ ۽ ترقي پسند دانشور، ڪامريڊ روچيرام جو جنم تـنـو مـل لـوهاڻـي جـي گهــر ۾، 21 آگسٽ 1928ع تي مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم مٺيءَ مان سنڌي، سنسڪرت ۽ هنديءَ ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پڻ مٺيءَ مان پاس ڪري، 1946ع ۾ ڊي. جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد (ڦليلي، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد) ۾ داخلا ورتائين. ورهاڱي جي لڏپلاڻ جي ڪري سنڌ ۾ مهاجرن جي آمد سبب ڪاليج ڪافي متاثر ٿيو، جنهنڪري روچيرام تعليم ڇڏي واپس مٺيءَ آيو. 1949ع ۾ ٻيهر ايس. ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. فرسٽ ايئر ايل. ايل. بي 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڪراچيءَ مان ڪيائين. ساڳئي سال سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد منتقل ڪئي وئي. 1952ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ، ديوان ڏئيل مل ائڊووڪيٽ سان گڏ حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1954ع ۾ بي. اي آنرس سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد مان ڪرڻ کان پوءِ ميرپورخاص ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1961ع ۾ ميرپورخاص ۾ لا ڪاليج کليو ته ڪامريڊ روچيرام ان ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڪامريڊ روچيرام سياست جي شروعات شاگرديءَ جي زماني کان انڊين نيشنل ڪانگريس جي ميمبر ٿيڻ سان ڪئي. 1956ع ۾ جڏهن حسين شهيد سهروردي، عوامي ليگ جو صدر هو ته روچيرام به عوامي ليگ جو ميمبر بڻيو. 1958ع ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جو ميمبر ٿيو ۽ ڪافي سرگرم رهيو. ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ به انتهائي فعال ڪردار ادا ڪيائين، پر ان جو باضابطه ميمبر نه بنيو. هارين ۽ مزدورن جي ڀلائيءَ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ ڪري کيس ’ڪامريڊ‘ سڏيو ويو ۽ اهو سندس نالي جو حصو ٿي ويو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جو دوست ۽ همڪار رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ذاتي دوستي ۽ مير برادران سان انتهائي ويجهائيءَ هجڻ جي ڪري پيپلز پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر ٿيو.1967ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي لاءِ پيپلزپارٽي جو پهريون صدر مقرر ڪيو ويو. ايوب خان، يحى خان ۽ ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران قيد ڪاٽيائين. لاڳيتو پندرهن سالن تائين انساني حقن جي ڪميشن ۽ ڪائونسل ميمبر ٿي رهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي لا ڪاليجز جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو. 2003ع ۾ وڪالت جا 50 سال پورا ٿيڻ تي ميرپورخاص بار ايسوسيئيشن سندس خدمتن جي مڃتا طور گولڊن جوبلي جشن ملهايو، جنهن ۾ هن وڪالت تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ڪامريڊ روچيرام سياست، حالات حاضره، سياحت، ثقافت ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي لاتعداد مضمون لکيا آهن. ڪامريڊ روچيرام جي تصنيفن ۾: (1) هندولا، (2) ڏنم هوت هٿـن سـان، (3) ڳالهيون ڪاڪ ڪنڌيءَ جون، (4) نئيـن سيـاسـي سـوچ، (5) ٽيننسي ائڪٽ جو سنڌي ترجمو- ڇپيل آهن. ان کانسواءِ ڪافي مواد ڇپائيءَ جو منتظر اٿس. ڪامريڊ روچيرام ڪيترائي ڀيرا ڀارت، ٽي ڀيرا آمريڪا، چار ڀيرا برطانيا، نيپال، بنگلاديش، جرمني ۽ فرانس جا دورا ڪري، بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.08.21  عيسوي

سنڌ جي مشهور انقلابي هاري اڳواڻ ۽ ترقي پسند دانشور، ڪامريڊ روچيرام جو جنم تـنـو مـل لـوهاڻـي جـي گهــر ۾، 21 آگسٽ 1928ع تي مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت
خواجه خورشيد انور
خليفو محمد سجاول خان
ڀٽي مخدوم محمد صالح
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
جيڪي ڀاڳناڻي
ڏيارام گدو مل
امداد محمد شاهه
دلمراد خان کوسو
ابڙو علامه مستانو سيوهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون